وفاقي آئيني عدالت نسله ٽاور جي ڊاهڻ جو سبب بنجندڙ سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا

اسلام آباد:  وفاقي آئيني عدالت نسله ٽاور جي ڊاهڻ جو سبب بنجندڙ سپريم ڪورٽ جي 2018 ۽ 2019 جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا.

وفاقي آئيني عدالت جو چوڻ آهي ته غيرقانوني تعميرات جي خلاف ڪارروائي جو اختيار بنيادي طور تي صوبائي حڪومت جو آهي، عدليه جو نه، عدالتون پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهن، غير ضروري معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس کان اڳيان وڌي وسيع حڪم جاري ڪيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ڊاهڻ جا حڪم نٿا ڏئي سگهجن.

آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته منصفانه قانوني ڪارروائي(ڊيوپروسيس) هر ڪيس ۾ لازمي آئيني گهرج آهي، عدالت جو مقصد غيرقانوني تعميرات کي قانوني تحفظ ڏيڻ نه پر عدالت جو مقصد صرف قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بنائڻ آهي.

وفاقي آئيني عدالت جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني تعميرات کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قانوني نظام ۽ لاڳاپيل ادارا اڳ ئي موجود آهن، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا غيرقانوني تعميرات جي نگراني ۽ ڪارروائي جي لاءِ آئيني ۽ قانوني طور تي پابند آهن. آئيني عدالت 21 ڊسمبر 2018 ۽ 22 جنوري 2019 جي سپريم ڪورٽ جي حڪمن ۽ انهي جي تحت ٿيل ڪارروايون واپس وٺي ڇڏيون.

جسٽس سيد ارشد حسين شاهه فيصلي ۾ اضافي نوٽ به لکيو جنهن ۾ هن چيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، پارڪس، راندين جا ميدان، گرين بيلٽس، فٽ پاٿ ۽ ٻين عوامي هنڌن تي قبضن ۽ تبديلين کان محفوظ رکيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔