اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سميڊا تي جائزه اجلاس ۾ ملڪي برآمدات ۾ اضافي لاءِ ننڍي ۽ وچولي دجي جي صنعتن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم هدايت ڏني ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جو تعداد وڌائڻ خاص طور تي هارين جي جنسن ۽ فروٽ جي پراسيسنگ لاءِ انهن کي آگاهي ۽ قرض ڏيڻ جي حوالي سان سهوليت ڏني وڃي.
وزيراعظم چيو ته ڪمرشل بينڪن جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان خصوصي پراڊڪٽس جي تياري جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي فيزيبلٽي جي تياري ۽ ٻين مرحلن ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي.
هن چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم ضروري آهن. سيڊا نوجوان خاص طور تي عورتن آنٽر پرنيورز کي ننڍي ۽ وچولي درجي جون صنعتون لڳائڻ ۾ مدد فراهم ڪري.
اجلاس کي سميڊا طرفان ايس ايم ايز جي سهولت لاءِ مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني ايس ايم ايز جي عالمي منڊي تائين پهچ ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ هلندڙ سال 700 ايس ايم ايز جي 16 ايونٽس ۾ شرڪت يقيني بنائي وئي. انهي سان گڏوگڏ 35 شهرن ۾ ايس ايم ايز کي مالي ضابطن ۽ ڪاروبار جي حوالي سان ٽريننگ ڏني وئي، اجلاس کي سميڊا جي تحت مختلف قدمن تي به روشني وڌي وئي.
وزيراعظم ايس ايم ايز جي قرضن تائين پهچ لاءِ اسٽيٽ بينڪ ۽ ڪمرشل بينڪن سان گڏجي هڪ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصديق ملڪ، خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽري ۽ شعبي جي ماهرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔