مائيڪرو سافٽ ڪمپني سڄي دنيا مان 9 هزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:  آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني مائيڪرو سافٽ سڄي دنيا  مان پنهنجن 9 هزار ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪمپني جي عالمي ورڪ فورس جو تقريبن 4 سيڪڙو بڻجي ٿو.

ميڊيا رپورٽن موجب انهي کان اڳ به گذريل سال مائيڪرو سافٽ وڏي پيماني تي ملازمن جون ڇانٽيون ڪيون هيون، جڏهن ته نئين ڪٽوتين جو وڏو حصو ڪمپني جي گيمنگ ڊويزن ايڪس باڪس ۾ هوندو.

خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب نئين سري سان جوڙجڪ جي عمل تحت ايڪس باڪس ڊويزن ۾ 3 هزار 200 کان وڌيڪ نوڪريون متاثر ٿينديون. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي برطرفيون انهن چار گيم اسٽوڊيز جي ملازمن کي به متاثر ڪنديون جن کي ڪمپني ڌار ڪرڻ يا وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ايڪس باڪس جي چيف ايگزيڪٽو آشا شرما موجب تقريبن هڪ هزار 600 ملازمن کي فوري طور تي فارغ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻين متاثر ملازمن جون برطرفيون مالي سال 2027 تائين مرحليوار مڪمل ڪيون وينديون. مائيڪرو سافٽ جي ايگزيڪٽو وائس پريزيڊنٽ ايمي ڪولمين جو چوڻ آهي ته ڪمپني تبديل ٿيندڙ عالمي ڪاروبار حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي تنظيم ساخت ۾ تبديليون ڪري رهي آهي. انهي موجب اهڙن قدمن جو مقصد ڪمپني جي مستقبل جي گهرجن کان هم آهنگ بنائڻ آهي.

ٻئي طرف ايڪس باڪس انتظاميه جو چوڻ آهي ته هلندڙ سالن ۾ گيمنگ ڪاروبار جي منافعي بخش ڪارڪردگي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جيڪا نوڪرين ۾ ڪٽوتين جو هڪ وڏو سبب آهي. رپورٽن موجب آشا شرما ايڪس باڪس جي ڪاروبار کي غيرصحتمند قرار ڏيندي چيو ته ڪمپني جو منافعو مخالف ادارن جي مقابلي ۾ 3 کان 10 سيڪڙو گهٽ آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته گيم پاس سبسڪرپشن سروس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ لکين صارفين پنهنجي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي، جنهن سان ڪمپني کي مالي نقصان کڻڻو پيو. جنهن کان پوءِ صارفين کي واپس آڻڻ جي سبسڪرپشن فيس ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئي.

تبصرے بند ہیں۔