ايم ڪيو ايم ڪراچي جي نالي تي بليڪ ميلنگ ڪري پئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزیر شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين عوامي مينڊيٽ جي بدران شارٽ ڪٽ سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي دٻاءُ لاءِ وفاقي مداخلت جهڙن معاملن کي استعمال ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي سياسي بليڪ ميلنگ جو ثبوت آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، ان کي طاقت جي کوٽ آهي، ۽ هاڻي اها شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ آهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي ماڻهن جي وسيلن کي سياسي سوديبازي جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي، سنڌ جي معاملن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه وفاقي ڍانچي، سنڌ جي ماڻهن جو مينڊيٽ، 1973 جو آئين ۽ سنڌ ڪا ليبارٽري ناهي جتي جڏهن ڪنهن پارٽي جي سياست ڪمزور ٿئي ٿي ته اها انهن تي حملي آور ٿئي. شرجيل انعام ميمڻ انعام ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي واضح مينڊيٽ ڏنو آهي، هي مينڊيٽ ڪنهن به پريس ڪانفرنس، ڌمڪي يا سياسي بليڪ ميلنگ سان تبديل نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اقتدار جو وڏو حصو چاهي ٿي ته ان جو رستو عوام جي ووٽ مان گذري ٿو، وفاقي مداخلت يا آئيني ادارن کي سياسي تڪرارن جي ور چاڙهڻ سان اقتدار ناھي ملندو، ايم ڪيو ايم کي ٻڌائڻ گهرجي ته وفاق ۾ حڪومت جو حصو هجڻ جي باوجود، اها ڪراچي لاءِ پنهنجا واعدا ڇو پورا نه ڪري سگهي؟سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنهنجي ناڪامين جو الزام سنڌ حڪومت تي مڙهڻ بدران، فاروق ستار کي پنهنجي وفاقي اتحادين کان سوال ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي آئيني اختيارن، صوبائي خودمختياري ۽ ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.هن چيو ته سياسي بليڪ ميلنگ يا عهدن جي ورڇ ذريعي ڪراچي جي ترقي ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت پوري طاقت سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي، عوامي خدمت ۽ آئيني بالادستي جو سفر جاري رکندي.

تبصرے بند ہیں۔