ڪوئٽا : بلوچستان ريسڪيو سروس موجب جمعي تي ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب فوتين جو انگ 24 مان وڌي 31 ٿي ويو آهي. ضلع شيراني جي علائقي داناسر ۾ هي واقعو پيش آيو جيڪو خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جو سرحدي علائقو آهي. ژوب ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي وچين علائقي دانا سر ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو. ڊي سي شيراني ولي ڪاڪڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته 31 مسافر فوت ٿيا آهن پر بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب فوتين جو انگ 40 آهي. ڊي سي جو چوڻ آهي ته ريسڪيو وارن ڪجهه بيهوش ماڻهن کي به فوتي ڳڻيو هو پر اسپتال ۾ 31 فوتين جي تصديق ٿي آهي. ڊپٽي ڪمشنر شيراني، ولي ڪاڪڙ موجب ريسڪيو اهلڪارن پاران زخمين کي ڪڍڻ ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن، ڏکي لنگهه واري علائقي جي باوجود ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. ولي ڪاڪڙ چيو ته زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ ۽ ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. دانا سر ڪوئٽا کان 400 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ هن جي سرحد ڪي پي ڪي جي ڊيره اسماعيل خان سان لڳي ٿي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي زخمين جي بهتر علاج جي هدايت ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔