واشنگٽن : فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 32 جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ آمريڪا بوسنيا کي، بيلجيم سينيگال ۽ انگلينڊ ڪانگو کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. سان فرانسسڪو ۾ کيڏيل ميچ ۾ آمريڪا بوسنيا کي 0-2 گولن تان شڪست ڏني، آمريڪا پاران گول فولارين بالاگون ۽ ٽلمين اسڪور ڪيا. ان ڪاميابيءَ سان آمريڪي فٽبال ٽيم ايونٽ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي. فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ آمريڪا جو مقابلو بيلجيم سان ٿيندو.
موريسيو پوچيٽينو جي ٽيم سومر جي شام سيئٽل ۾ رائونڊ آف 16 ۾ بيلجيم سان اڱاري تي پاڪستاني وقت موجب صبح 5 وڳي مقابلو ٿيندو. آمريڪا کي اها ڪاميابي وڏي نقصان بعد ملي آهي.
فولارين بالاگون، 24 ورهين جو اڳوڻي آرسنل جي نوجوان رانديگر، کي ريڊ ڪارڊ مليو، جنهن سبب هو بيلجيم سان ميچ نه کيڏي سگهندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته فيفا مٿس ٽورنامينٽ جي پابندي به لڳائي. هن ميچ دوران بوزنيا جي فارورڊ طارق سان جهيڙو ڪيو ۽ کيس پنيءَ ۾ لت به هنئي هئي. آمريڪا جي فتح ۾ هيستائين هن جو اهم رول رهيو آهي.
بيلجيم جي سينيگال کي شڪست
رائونڊ آف 32 جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي ميچ ۾ بيلجيم سينيگال کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل (رائونڊ آف 16) لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. سيئٽل ۾ کيڏيل هن مقابلي ۾ بيلجيم سينيگال کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن سان شڪست ڏني.
مقرر وقت ۽ اضافي وقت جي پهرئين اڌ تائين ٻنهي ٽيمن ٻه ٻه گول ڪري برابر هيون. پر اضافي وقت جي آخري لمحن ۾ بيلجيم جي يوري ٽيليمانس پنالٽي ڪِڪ تي فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 3-2 سان فتح ڏياري ۽ رائونڊ آف 16 ۾ پهچايو. اڱاري تي بيلجيم جو مقابلو آمريڪا سان ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔