ڪراچي: چيني ڪمپني يو بي ٽيڪ دنيا جا پهريان وڏي پيماني تي تيار ٿيندڙ مڪمل انساني جسامت ۽ جذبات وارا الٽرا-بايونڪ هيومنائڊ روبوٽ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. هي روبوٽ مرد توڙي عورت کي انسانن جو جيون ساٿي سڏيو پيو وڃي، جيڪي سيڪس سميت هر ڪم ڪندا.
چيني ڪمپني UBTech پنهنجي UWORLD U1 Series متعارف ڪرائي آهي، جنهن کي هوءَ دنيا جا پهريان مڪمل جسامت وارا الٽرا-بايونڪ انساني روبوٽ قرار ڏئي ٿي.
30 جون تي شينزين ۾ منعقد ٿيل يو بي ٽيڪ جي 2026ع جي عالمي لانچ تقريب دوران هن پليٽ فارم جو اعلان ڪيو ويو. هي نظام ڪمپني جي پنهنجي تيار ڪيل بايومي ميٽڪ (انساني چمڙي جهڙي) چمڙي، جسماني مصنوعي ذهانت (Embodied AI) هارڊويئر، آپريٽنگ سسٽم، جذبن کي سمجهندڙ وڏي ٻولي جي ماڊلز (LLMs) ۽ مربوط پيداواري نظام کي گڏ ڪري ٿو.
يو بي ٽيڪ جو چوڻ آهي ته هي گڏيل ڍانچو انهن اهم رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي حقيقي دنيا ۾ وڏي پيماني تي هيومنائيڊ روبوٽن جي استعمال ۾ رنڊڪ بڻجن ٿيون.
تقريب دوران ڪمپني انسان ۽ روبوٽ جي گڏيل ڪم بابت ٽن مرحلن تي ٻڌل مستقبل جو تصور پڻ پيش ڪيو، جيڪو خطري وارن ڪمن کان شروع ٿي روزمرهه جي مدد تائين ۽ آخرڪار انسانن ۽ ذهين روبوٽن جي مڪمل هم آهنگ رابطي تائين پهچندو.
جذبن کي سمجهندڙ هيومنائيڊ روبوٽ
هي مرد ۽ عورت جي روپن وارا انساني روبوٽ مڪمل جسامت وارو روبوٽ آهي ۽ 88 درجن جي حرڪتي آزادي (Degrees of Freedom) رکي ٿو ۽ ان ۾ ٻه-محوري (Dual-pivot) بايومي ميٽڪ ڳچيءَ جو ڍانچو آهي، جيڪو ان کي انسان جي بنيادي حرڪتن مان لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حرڪتون ورجائڻ جي قابل بڻائي ٿو.
روبوٽ کي ڪمپني جي بيان موجب دنيا جي پهرين اهڙي جذبن کي سمجهندڙ وڏي ٻولي ماڊل (Emotion-aware LLM) سان طاقت ڏني وئي آهي، جيڪا ڊگهي عرصي تائين ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. اها 20 کان وڌيڪ مختلف جذباتي حالتن کي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ درستگي سان سڃاڻي سگهي ٿي.
ان جو بايومي ميٽڪ “تيز ۽ آهستي دماغ” وارو ڍانچو تيز فطري ردعمل ۽ گهري سوچ کي گڏ ڪري ٿو. هي نظام لڳ ڀڳ 500 ملي سيڪنڊن ۾ ردعمل ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته سوين ارب پيرا ميٽرن تي ٻڌل مصنوعي ذهانت ماڊلز ذريعي پيچيده فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو.
ڪمپني جو تيار ڪيل چهري جي اظهار وارو نظام ڳالهائڻ دوران چپن جي حرڪت کي آواز سان 20 ملي سيڪنڊن کان به گهٽ دير سان هم آهنگ ڪري ٿو، جنهن سان ڳالهه ٻولهه وڌيڪ قدرتي محسوس ٿئي ٿي.
هن پليٽ فارم ۾ Agent Memory OS پڻ شامل آهي، جيڪو وقت سان گڏ يادگيرين کي محفوظ رکڻ وارو نظام آهي ۽ روبوٽ کي ڊگهي عرصي تائين ساڳئي شخص سان لاڳاپيل معلومات ياد رکڻ جي قابل بڻائي ٿو.
ان سان گڏ هڪ Proactive Care Engine به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو چوڌاري ماحول کي مسلسل سمجهي ٿو، جنهن جي ڪري صارف کي روبوٽ کي جاڳائڻ لاءِ ڪو خاص لفظ چوڻ جي ضرورت نه پوندي، ۽ روبوٽ صورتحال مطابق مناسب جواب ڏئي سگهندو.
يو بي ٽيڪ ٽن سطحن تي ٻڌل رازداري (Privacy) وارو نظام پڻ تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڊيٽا مقامي طور تي پروسيس ٿيندي، ڪلائوڊ تي گهٽ ڀاڙيو ويندو، ۽ صارف جي ڪنٽرول هيٺ هارڊويئر ذريعي ڊيٽا جي حفاظت ڪئي ويندي.
ڪمپني موجب، اهي سڀ ٽيڪنالاجيون گڏجي روبوٽن کي وڌيڪ ذهين سوچ، انسانن سان قدرتي رابطي، ڊگهي مدي واري يادگيري ۽ محفوظ ڊيٽا سنڀالڻ جون صلاحيتون فراهم ڪنديون، جيڪي صارفين ۽ ڪاروباري ٻنهي شعبن ۾ فائديمند ثابت ٿينديون.
انسان ۽ روبوٽ جي ساٿ واري مستقبل جو تصور
ڪمپني انسان ۽ روبوٽ جي گڏيل زندگي بابت پنهنجي ڊگهي مدي واري منصوبي جا به تفصيل ڏنا، جنهن موجب هي سفر ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو.
پهريون مرحلو خطري وارن ۽ بار بار ورجائجندڙ ڪمن لاءِ روبوٽن جي استعمال تي ٻڌل هوندو. ٻئي مرحلي ۾ روبوٽن کي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ساٿي ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ طور شامل ڪيو ويندو.
جڏهن ته آخري مرحلي ۾ انسانن ۽ ذهين روبوٽن وچ ۾ روزاني زندگيءَ ۾ تقريباً بي رڪاوٽ ۽ قدرتي رابطي جو تصور پيش ڪيو ويو آهي.
هيومنائيڊ روبوٽن ذريعي ذهني ۽ جذباتي سهائتا
UWORLD سان گڏ يو بي ٽيڪ Human-Robot Companionship Initiative پڻ شروع ڪيو آهي. جنهن جو مقصد هيومنائيڊ روبوٽن ذريعي ڪمزور ۽ ضرورت مند ماڻهن کي ڊگهي عرصي تائين جذباتي ۽ نفسياتي سهائتا فراهم ڪرڻ آهي.
ڪمپني چين جي آبادي بابت انگ اکر ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ 9 ڪروڙ کان وڌيڪ بالغ ماڻهو اڪيلا رهن ٿا، جڏهن ته 11 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ بزرگ اهڙا آهن، جن جا ٻار ساڻن گڏ نٿا رهن.
ڪمپني موجب، اڪيلو رهندڙ ماڻهن مان اندازاً 10 کان 20 سيڪڙو ماڻهو ذهني صحت جي اهڙن مسئلن ۾ مبتلا آهن، جيڪي طبي تشخيص جي معيار تي پورا لهن ٿا. ان ڪري، آساني سان دستياب ساٿ ۽ سنڀال جي ضرورت وڌي رهي آهي.
هن منصوبي تحت ڪمپني 2026ع دوران U1 Series جا 100 خاص طور تي تيار ڪيل هيومنائيڊ روبوٽ عطيو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
هر روبوٽ ۾ ٿري ڊي چهري جي ٻيهر تعمير (3D Facial Reconstruction) ۽ آواز جي سڃاڻپ (Voiceprint-based Identity Replication) واري ٽيڪنالاجي هوندي، جنهن ذريعي مخصوص ماڻهن جي چهري ۽ آواز جي نقل تيار ڪري، وڌيڪ ذاتي نوعيت جو رابطو ممڪن بڻايو ويندو.
يو بي ٽيڪ موجب، انهن روبوٽن ۾ جذبن تي ٻڌل رابطي جا ماڊل، ڊگهي مدي واري يادگيري جا نظام ۽ گهڻ رخي ماحولياتي سمجهه (Multimodal Situational Awareness) پڻ شامل هوندي، جنهن سان اهي صارف کي سڃاڻي سگهندا، مختلف ملاقاتن دوران يادگيريون برقرار رکندا، چوڌاري ماحول کي سمجهندا ۽ ڊگهي عرصي تائين وڌيڪ ذاتي جذباتي ۽ نفسياتي سهائتا فراهم ڪري سگهندا.
ڪمپني جي سربراهه بڌايو ته کين 11 هزار روبوٽن جو اڳ ۾ ئي آرڊر ملي چڪو آهي. 30 هزار ڊالر يعني 84 لک پاڪستاني روپيا، ان جي ابتدائي قيمت هوندي. ڪمپني هن سال سيپٽمبر ۾ سپلائي شروع ڪندي.
مرد روبوٽ جو قد 183 سينٽي ميٽر ۽ وزن 42 ڪلو گرام هوندو، جڏهن ته عورت روبوٽ جو 168 سينٽيميٽر ۽ وزن 35 ڪلوگرام هوندو. هنن ۾ 88 سينسر لڳل هوندا، جيڪي ڇهڻ، کلڻ، روئڻ سميت انساني جذبات جهڙين خصلتن کي سڃاڻي سگهندا.
تبصرے بند ہیں۔