واشنگٽن : آمريڪا پاران قبضي هيٺ آيل بيت المقدس (يروشلم) ۾ نئون ۽ مستقل سفارتخانو تعمير ڪرڻ لاءِ باضابطا معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. اربع ڏينهن ٿيندڙ هڪ تقريب دوران اسرائيل جي پرڏيهي وزير گيڊئين سار ۽ اسرائيل ۾ آمريڪا جي سفير مائيڪ هڪابي پاران قبضي هيٺ آيل بيت المقدس ۾ مستقل آمريڪي سفارتخاني لاءِ زمين جي الاٽمينٽ واري معاهدي کي حاضرين جي سامهون پيش ڪيو ويو. اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائيڪ هڪابي اسرائيلي پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب دوران چيو ته آمريڪا يروشلم کي يھودي عوام جو ازلي، مقامي ۽ هميشه جو دارالحڪومت تسليم ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا يروشلم جي سرزمين تي پنهنجو جهنڊو لڳائيندو ۽ هتي هڪ نئون، مستقل سفارتي ڪمپليڪس تعمير ڪيو ويندو جيڪو اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتي سرگرمين جو مرڪزي محور هوندو. اسرائيل جي پرڏيهي وزير ان معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”ناقابلِ شڪست اتحاد“ جي عڪاسي ڪري ٿو. اعلاميي مطابق، آمريڪي سفارتخانو ڏکڻ قبضي هيٺ آيل بيت المقدس ۾ واقع ايلنبي ڪمپائونڊ ۾ تعمير ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔