راولپنڊي: افغان طالبان حڪومت پاران بلوچستان ۾ سرحد پار ڊرون اڏامون ڪيون ويون، آئي ايس پي آر موجب پاڪستان موثر جوابي ڪارروائي ڪندي چئني ڊرونن کي ڪيرائي وڌو.آئي ايس پي آر موجب پاڪستان جو فضائي دفاعي نيٽ ورڪ متحرڪ ڪيو ويو آهي. آئي ايس پي آر موجب افغان طالبان جا هٿڪنڊا افغان عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ آهن، افغان طالبان کي مناسب جواب ڏنو ويندو. آئي ايس پي آر موجب خبردار ڪيو ويو آهي ته افغان طالبان راڄ دهشتگردن جي سرپرستي ترڪ ڪري، پاڪستان جون مسلح افواج مڪمل طور تي چيلهه ٻڌي بيٺيون آهن ۽ وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ هر وقت پرعزم آهن. آئي ايس پي آر موجب افغان طالبان جو غير ذميواراڻو طرزِ عمل افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي، افغان طالبان کي پرامن گڏجي رهڻ جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن افغان طالبان پاڪستان خلاف اشتعال انگيزي جو سلسلو جاري رکيو ته کين اهڙو موثر جواب ڏنو ويندو جنهن جي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي. آئي ايس پي آر موجب پاڪستان جون مسلح افواج هر وقت مڪمل طور تي چوڪس آهن، مسلح افواج وطنِ عزيز جي هڪ هڪ انچ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. آئي ايس پي آر موجب سرحد پار ڪنهن به جارحيت جو ‘آپريشن غضبُ الحق’ تحت فوري، فيصلي ڪن ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو رهندو.
تبصرے بند ہیں۔