لاهور: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل عائشه عمر ڪيترائي سال اڳ پيش آيل پنهنجي نجي تصويرن جي ليڪ ٿيڻ جي تڪرار تي پهريون ڀيرو کلي ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته اهي تصويرون منهنجي اجازت کان سواءِ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون هيون.
عائشه عمر تازو انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ويجهي دوست، اداڪاره ماريه واسطي سان گڏ ٿائيلينڊ ۾ موڪلون گذاري رهي هئي انهي دوران انهي جون نجي تصويرون ليڪ ٿي سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون. هن چيو ته انهن تصويرن ۾ مان سمنڊ ڪناري موجود هئس جنهن مان هڪ تصوير مون سوئمنگ جي ڪپڙن جڏهن ته ٻين ۾ گرمي جا ڪپڙا ۽ اسڪرٽس پاتو هو
اداڪاره موجب تصويرون سامهون اچڻ کان پوءِ مون کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جا اثر منهنجي ذاتي زندگي سان گڏوگڏ پيشوارانه ڪيريئر تي به پيا، هن چيو ته انهي وقت شوبز انڊسٽري ۾ ڪجهه پروڊيوسرز عورتن بابت مخصوص سماجي تصورن کي اهميت ڏيندا هئا جنهن جي ڪري مون کي ڪجهه ڪمن کان به محروم ٿيڻو پيو.
عائشه عمر واضح ڪيو ته ڪنهن به شخص جون نجي تصويرون يا ڄاڻ کي انهي جي اجازت کان سواءِ پکيڙڻ پرائيويسي ۽ رضامندي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي هن چيو ته اهوئي سبب آهي ته مان هڪ غير سرڪاري تنظيم سان گڏجي ذاتي ڊيٽا ۽ تصويرن جي غلط استعمال خلاف آگاهي مهم جو حصو بنجي رهي آهيان.
اداڪاره چيو ته ايترن سالن کان پوءِ انهي معاملي تي ڳالهائڻ جو مقصد صرف پنهنجي تڪليف بيان ڪرڻ نه پر ماڻهن ۾ اهو شعور اجاگر ڪرڻ به آهي ته ڪنهن جي نجي زندگي ۾ مداخلت ۽ انهي جي ڄاڻ کي بنا اجازت عام ڪرڻ مستقبل ۾ سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
عائشه عمر جي بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مختلف رد عمل سامهون اچي رهيا آهن ڪجهه صارفين اداڪاره جي موقف جي حمايت ڪندي نجي ڄاڻ جي تحفظ تي زور ڏنو جڏهن ته ڪجهه انهي معاملي تي پنهنجن خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔