يورپ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، فرانس ۾ 18 ڄڻا فوت

فرانس:  يورپ جا مختلف علائقا سخت گرمي  هيٺ آهن، فرانس ۾ سخت گرمي سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن ۾ 2 ننڍي عمر جا ٻار به شامل آهن، جڏهن ته وهنجندي 13 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.

برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فرانس جي شهر پواتيي ۾ گرمي جو 78 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جتي وڌ کان وڌ گرمي پد 41.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. مغربي فرانس جي علائقي بوردو ۾ گرمي پد 41.9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جنهن گذريل سال آگسٽ ۾ قائم ٿيل گرمي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

فرانس ۾ سخت گرمي سبب ڪيترائي اسڪول بند ڪيا ويا يا انهن جي ٽائيم ۾ تبديلي ڪئي وئي، ڪيتريون ئي ٽرين سروسون به بند ڪيون ويون. فرانس جي ڏاکڻي شهر ڪارپانترا ۾ سخت گرمي ۾ گهر جي ٻاهر بيٺل گاڏي ۾ 2 ٻار بيهوش ٿي ويا، ٻارن جون عمرون 2 ۽ 4 سال هيون، امدادي ڪارڪنن انهن کي بچائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر اهي صحتياب نه ٿي سگهيا، اختيارين جو چوڻ  آهي ته ٻارن جي موت جو اصل سبب اڃان خبر نه پئجي سگهي آهي پر سخت گرمي کي اهم سبب سمجهيو پيو وڃي.

انهي کان علاوه فرانس جي مختلف علائقن 3 بزرگ ماڻهو به گرمي جي شدت سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته سوئمنگ پول ۽ ٻين پاڻي وارين جڳهين تي وهنجندي 13 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. اختيارين ماڻهن کي هدايت ڏني آهي ته صرف نگراني وارن هنڌن تي ئي تيراڪي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف برطانوي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته  هن هفتي جون جي مهيني ۾ گرمي پد رڪارڊ به ٽوڙي سگهي ٿو. انگلينڊ ۽ ويلز ۾ سخت گرمي جي ريڊ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي گرمي پد 38 تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

ريڊ وارننگ جو مطلب آهي ته اها گرمي موتمار به ٿي سگهي ٿي، بجلي، روڊ ۽ ريلوي نظام به متاثر ٿي سگهي ٿو. اسپين، اٽلي ۽ بيلجيم ۾ به سخت گرمي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔