رحيم يار خان : رحيم يار خان شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات ۽ طوفان تباهي مچائي ڇڏي. تيز طوفان سبب ڪيتريون ئي ديوارون، وڻ، ٿنڀا ۽ بل بورڊ ڪري پيا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ عورت سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو. ٻئي طرف، موسميات کاتي موجب اڄ خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، پنجاب، بالائي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوا ڪاهڻ ۽ ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي. اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه دادو 46، سکر ۽ نوابشاهه 43، ملتان ۽ چلاس 40، گلگت 39، پشاور، بنون، ڪوئيٽا ۽ مظفرآباد 38، لاهور 36، جڏهن ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔