مردان: پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو ڪري تباهه، 2 پائلٽ شهيد

مردان: پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو تربيتي پرواز دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو اڄ معمولي تربيتي پرواز دوران مردان ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ پاڪ فضائيه جو فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪ بحريه جو ليفٽيننٽ طهٰ عباسي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير، سروسز چيفس ۽ مسلح فوج جي آفيسرن توڙي جوانن هن ڏکوئيندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي گهرواٽن سان دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حادثي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحه عباسي جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وطن جي حفاظت ۽ دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ اهي بهادر آفيسر قوم جا سچا هيرو آهن، پوري قوم هن افسوسناڪ واقعي تي غمگين آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي بلند درجات ۽ خاندانن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪري.

تبصرے بند ہیں۔