سپر ٽيڪس جي مڪمل خاتمي جو اشارو

اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سپر ٽيڪس جي مڪمل خاتمي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته اسان جي هدايت تمام واضح آهي: سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ. اسان هر سال سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون جاري رکنداسين, ڪميٽي ميمبر سينيٽر عبدالقادر تجويز پيش ڪئي ته سپر ٽيڪس جي ڇوٽ جي حد 500 ملين جي بدران هڪ ارب ڪئي وڃي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته حد کي هڪ ارب تائين وڌائڻ لاءِ 250 ارب جا نوان ٽيڪس قدم کڻڻا پوندا.

تبصرے بند ہیں۔