پئسن جي کوٽ آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو صورتحال ڏسي ڪنداسين: وڏو وزير

ڪراچي:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پئسن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پگهارن ۾ اضافو صورتحال کي ڏسي ڪنداسين ته ڪيترو اضافو ڪري سگهون ٿا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي حڪومت جي 6 مهينن جي ڪارڪردگي، وفاق سان توجه طلب معاملا ۽ سياسي صورتحال تي کلي ڳالهيون ڪيو. هن ماضي جي وفاقي واعدن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي عوام هاڻ پنهنجن حقن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي.

سنڌ جي وڏي وزير حڪومت جي ڪارڪردگي جو دفاع ڪندي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت سخت مالي مشڪلاتن جي باوجود گذريل 6 مهينن جي دوران رڪارڊ وقت ۾ پنهنجا 6 وڏا ميگا پروجيڪٽس مڪمل ڪيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اهي سمورا منصوبا عالمي مالياتي اداري جي تعاون سان مڪمل ڪيا آهن.

مراد علي شاهه ماضي جي وفاقي حڪومتن جي اعلانن کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته هڪ صاحب هتي اچي 1100 ارب روپين جو واعدو ڪري ويو هو پر عملي طور تي هن 11 روپيه به نه ڏنا. هن موجوده وفاقي  وفاقي بجيٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته وفاق سنڌ جي اهم پروجيڪٽس جي لاءِ هن ڀيري 64 ارب روپيه رکيا آهن.

صوبي جي وڏي سفري منصوبي تي ڳالهيون ڪندي وڏي وزير اعلان ڪيو ته ڊگهي وقت کان تعمير هيٺ حيدرآباد، سکر موٽروي جو تعميراتي ڪم ايندڙ سال جنوري ۾ باقاعده شروع ٿي ويندو. اهو منصوبو ساڍا 3 سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پاڻي جي سنگين بحران جو ذڪر ڪندي هن انڪشاف ڪيو ته هن وقت سنڌ کي پنهنجي حصي جي 41 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن تي مون وفاقي حڪومت کي باقاعده احتجاجي خط لکي صوبي جو ڪيس پيش ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير اعتراف ڪيو ته سنڌ حڪومت کي هن وقت پئسن جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي حوالي سان اسان کي پنهنجي مالي وسيلن کي ڏسڻو پوندو ته اسان بجيٽ ۾ ڪيترو اضافو برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون.

اپوزيشن پارٽي متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) تي تنقيد ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي اندروني اختلافن سبب منهنجي صحت يا ڪراچي جي ڪنهن شهري تي ڪوبه فرق نٿو پوي. هن بلدياتي چونڊن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو جيڪڏهن اهي ايترا ئي مشهور هئا ته ميدان ۾ اچي وڙهن ها.

مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته هن ڇا چيو آهي، اسان ڪنهن جي گهر جي معاملن ۾ دخل ناهيون ڏيندا هو پنهنجو گهر پاڻ سنڀالين. پنهنجي وڏ وزارت جي حوالي سان افواهن تي کلندي هن چيو ته ميڊيا کي هميشه مرچ مصاله کپندا آهن مون کي عهدي تان هٽائڻ جون ڳالهيون گذريل 10 سالن کان ٿي رهيون آهن پر اسان هميشه پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندا آهيون.

 

تبصرے بند ہیں۔