ٻئي ڏينهن به آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا، ايران جو اردن ۾ جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعوا

تهران : آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران خطي اندر 18 اهم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته ڪويت جي “علي السالم” ۽ “احمد الجابر” بيسز (فوجي اڏن) تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته بحرين جي “شيخ عيسيٰ ائير بيس” کي پڻ ٽارگيٽ ڪيو ويو. ايراني ميڊيا موجب اردن تي 12 ميزائيل فائر ڪيا ويا جنهن ۾ سلطي ايئر بيس تي موجود آمريڪي جنگي جهاز تباهه ٿيا آهن پر ان جو تفصيل ناهي ڏنو ويو. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ اهي ڪارروايون ڪيون ويون آهن. ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو ته ميزائل ۽ ڊرون آپريشن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن آمريڪا هرمز جي پيچري (آبنائي هرمز) کي غير محفوظ بڻائڻ چاهي ٿو، ته ايران هن خطي کي گستاخ (مغرور) لاءِ جهنم بڻائي ڇڏيندو.

پاڪستان ۽ ترڪيه جو آمريڪا ۽ ايران تي تحمل لاءِ زور

پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گذريل رات ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاقان فدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طرفان ايڪس (X) تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ۽ تحمل جي اهميت تي زور ڏنو. بيان ۾ چيو ويو ته، “ٻنهي اميد ظاهر ڪئي ته سڀني ڌرين وچ ۾ جلد ڪا مفاهمت پيدا ٿيندي، جيڪا علائقي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن باهمي دلچسپي وارن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان-ترڪيه شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.”

سڀ ايراني ميزائيل تباهه ڪيا آهن، ڪو نقصان ناهي ٿيو، اردن

هڪ فوجي ذريعي اردن جي سرڪاري خابرو اداري پيٽرا نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته ايران پاران فائر ڪيل سڀ ميزائيل تباهه ڪيا ويا آهن ۽ روڪٿام واري ڪارروائي دوران ڪيترائي ٽڪرا زمين تي ڪريا، پر ڪنهن به قسم جو جاني نقصان يا مالي نقصان نه ٿيو. ذريعي موجب انجنيئرنگ يونٽن انهن ميزائلن جي باقيات کي محفوظ بڻايو آهي ته جيئن انهن ۾ ڪو به ڌماڪيدار مواد باقي نه رهي. ان کان اڳ ايران جي اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور (IRGC) چيو هو ته هن مسلسل ٻي رات اردن ۾ واقع الازرق ايئر بيس کي نشانو بڻايو ۽ آمريڪي فوجي اڏي تي 12 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا.

ايران جنگبندي لاءِ تيار نه ٿيو ته يورپي يونين مٿس وڌيڪ پابنديون لڳائيندي، ميلوني

اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني چيو آهي ته جيڪڏهن وچ اوڀر جو بحران ختم نه ٿيو ته يورپي يونين کي ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. هن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي چيو، “جيڪڏهن تهران غلط رستي تي هلندو رهيو ته يورپي يونين کي نون هدف بڻايل قدمن ذريعي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.” ميلوني اسرائيل جي انتهاپسند سيڪيورٽي وزير ايتامار بين گوير جي اٽلي بابت بيانن تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهي “اٽلي لاءِ ناقابل قبول ۽ اسرائيل لاءِ به غير مهذب” آهن.

آمريڪي حملن جنگبندي کي عملي بي معنيٰ بڻايو آهي، ايران

ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن حملن جنگبندي کي “عملي طور بي معنيٰ” بڻائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا جا “غيرقانوني ۽ مجرمانه” حملا نه رڳو گڏيل قومون جي منشور جي کليل ڀڃڪڙي آهن، پر انهن 8 اپريل واري جنگبندي کي به عملي طور بي اثر ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “هن مجرمانه عمل جي انتهائي سنگين نتيجن جي ذميواري آمريڪا جي قيادت تي عائد ٿئي ٿي.”

عماني جهاز تي آمريڪي حملي ۾ 3 ڀارتي شهري مارجي ويا

عمان مان ايران لاءِ امدادي ضروري سامان کڻي ويندڙ جهاز تي آمريڪي حملي ۾ 3 ڀارتي شهري مارجي ويا آهن. اهو حملو هرمز ويجهو اربع تي ڪيو ويو هو. ڀارت جي جهاز راني واري وزير سربندانا سونووال ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ اهو ته ناهي چيو ته حملو آمريڪا ڪيو هو پر مري ويل شهرين جي تصديق ڪندي واقعي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. سي اين اين موجب جهاز تي 24 عملي جا ماڻهو سوار هئا ۽ حملي بعد 21 کي ريسڪيو ڪيو ويو هو. جهاز سمنڊ ۾ اڌ ٻڏل نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ موجب آمريڪا جهاز جي انجڻ روم تي مخصوص بارود سان حملو ڪيو هو.

تبصرے بند ہیں۔