ملڪي سطح تي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:  ايف آءِ اي ملڪ مڙني ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فاٽف) ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب، ڊي جي ايف آءِ اي پاران ڊيسڪ قائم ڪرڻ لاءِ سمورن ايڊيشنل ڊي جيز ۽ زونل ڊائريڪٽرن کي حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي ان ڊيسڪ ذريعي 6 مختلف هدفن بابت قدمن جا تفصيل گڏ ڪيا ويندا ۽ اهي تفصيل ممڪنه طور تي هلندڙ سال جي آخري ٽماهي (ٽه ماهي) ۾ فاٽف جي گڏيل جائزي (ميوچوئل ايوالوئيشن) ۾ پيش ڪيا ويندا.اختيارين موجب، حڪمنامي ۾ سمورن ونگز ۽ زونز کي فاٽف جي ٽاسڪ تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نامزد ڪيل فوڪل پرسن ذريعي جاري ٿيل حڪمن تي 7 ڏينهن اندر عمل ڪري رپورٽ ڊي جي ايف آءِ اي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته فاٽف ڊيسڪ لاءِ 7 ٽي او آرز (TORs) تي ٻڌل هڪ پروفارما به حڪمنامي سان گڏ موڪليو ويو آهي. فاٽف پاران ڏنل ٽاسڪ تي ايف آءِ اي سميت ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي به لازمي طور تي عملدرآمد ڪرڻو آهي.

تبصرے بند ہیں۔