پنجگور ۾ ڀارت نواز 6 دهشتگرد مارجي ويا، بارود هٿ

راولپنڊي: فوج جي ميڊيا ونگ موجب، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ هڪ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشن (آءِ بي او) دوران 6 دهشتگرد ماريا آهن۔
آءِ ايس پي آر موجب، 3 ۽ 4 جون جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز کي هندستان سان منسوب گروهه “فتنہ الھندوستان” سان لاڳاپيل دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع مليو، جنهن تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو۔
رياست، بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن کي “فتنہ الھندوستان” جو نالو ڏنو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بدامني ۾ هندستان جي مبينا ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي۔
بيان موجب: “آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني نشانو بڻايو، ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ هندستان جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ ڇهه دهشتگرد ماريا ويا.”
بيان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، بارود، ٺهيل ڌماڪيدار اوزار (IEDs) ۽ هڪ گاڏي پڻ هٿ آئي آهي. بيان موجب اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا هئا۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي هندستان جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگرد کي ڳولي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي (سينيٽائيزيشن) آپريشن جاري آهن.”
بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي خلاف مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي جي خطري جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي۔
هن هفتي جي شروعات ۾ به، ڪوئيٽا ۾ ريل گاڏي تي ٿيل خودڪش حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا هئا، جن دوران 17 دهشتگرد ماريا ويا هئا۔ اهي آپريشن مستونگ، نوشڪي، ڪيچ ۽ خضدار ضلعن ۾ ڪيا هئا.

تبصرے بند ہیں۔