اسلام آباد: ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. حڪومتي ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 10 جون، اربع ڏينهن شام 5 وڳي ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس بابت سمري موڪلي وئي آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون هيون، پر بعد ۾ ان کي ملتوي ڪيو ويو. قومي اقتصادي ڪائونسل جو 3 جون تي ٿيڻ وارو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو هو. هلندڙ سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 4 کرب رپين کان وڌيڪ قومي ترقياتي بجيٽ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي۔
تبصرے بند ہیں۔