پنهنجي شهرين ۽ ادارن تي حملا برداشت نٿا ڪري سگهون: پاڪستان

اسلام آباد:  پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن پاڪستان جي  صبر جو امتحان ورتو آهي انهي ڪري پاڪستاني شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار ملڪ آهي . هزارين پاڪستاني شهري دهشتگردي  سبب حياتين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي سرحڊ پار کان منصوبه بندي، مالي مدد ۽ سرپرستي يافته دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪابه ذميوار رياست پنهنجي خودمختاري ۽ شهرين جي سلامتي کي نشانو  بنائيندڙ حملن تي خاموش نٿي رهي سگهي.

هن چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي حوالي سان پاڪستان جي صبر جو امتحان ورتو ويو آهي. پاڪستاني شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. انهي حوالي سان پاڪستان سرحدي علائقن ۾ پنهنجي سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کنيا آهن، پاڪستان افغانستان کان يقين دهاني چاهي ٿو ته انهي جي زمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي.

طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغانستان سان مسئلن جي حل لاءِ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو. ڇو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ لساني رابطن ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي. پاڪستان افغانستان سان ڀائراڻه لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ ڳالهين جو دروازو کليل رکڻ چاهي ٿو.

ڀارت بابت ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي حقن بابت صورتحال تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، پاڪستان انساني حقن جي معاملي تي يورپي يونين ۽ ٻين عالمي ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده سان ملاقات ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو پڻ اٿاريو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔