ڪراچي: ڪراچي ۾ هل پارڪ جي چوڌاري جابلو علائقي کي ڪٽي ڪيل غيرقانوني تعميرات جي خلاف رات دير سان وڏو آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هيوي مشينري جي مدد سان ڪيتري ئي تعميرات کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.
ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي شروع ٿيل انهي ڪارروائي جي دوران تڪراري پلاٽ تي ٺهيل بائونڊري وال سميت ڪيترائي غير قانوني ڍانچا ڪيرايا ويا. ڪارروائي ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ شير علي جي نگراني ۾ لينڊ کاتي جي عملي انجام ڏني.
ڪي ايم سي جي ترجمان موجب هل پارڪ جي چوڌاري سموري غيرقانوني تعميرات جو خاتمو ڪيو ويو آهي، علائقي کي حددخلين کان مڪمل طور صاف ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ميئر ڪراچي سيڪريٽري وزارت هائوسنگ اينڊ ورڪس کي خط لکي پلاٽ نمبر 39 جي فور بلاڪ 6 جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب مذڪوره پلاٽ جي حوالي سان پي اي سي ايڇ ايس طرفان ليز ڏيڻ جي دعويٰ سامهون اچي رهي آهي جنهن تي وڌيڪ جاچ جو عمل جاري آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهر ۾ غيرقانوني تعميرات جي خلاف ڪارروائي بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندي ته جيئن سرڪاري ۽ محفوظ علائقن تي قبضي جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪي سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔