اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حدفن تي اڃان تائين حتمي اتفاق نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
حڪومتي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪس وصولين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2026-27 جي پي ايس ڊي پي ۾ صوبائي نوعيت جي منصوبن کي لاڳيتو ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت وفاقي حڪومت جي نئين حڪمت عملي تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن کي راضي ۽ آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن موجب وفاقي ترقياتي بجيٽ 1126 ارب روپيه جڏهن ته صوبن جو ترقياتي بجيٽ 3118 ارب روپين تائين پهچي ويو آهي. نئين حڪمت عملي جي تحت صوبائي نوعيت جي منصوبن جي لاءِ صرف 100 ارب روپيه رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي 786 گڏيل منصوبن مان صرف 6 منصوبن جي لاءِ 1.2 ارب روپيه رکيا ويا آهن جڏهن ته صوبي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ 8.6 ارب روپيه ڌار رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه کي ايندڙ سالن ۾ پي ايس ڊي پي ۾ حصو ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان ايندڙ مالي سال ۾ 15 هزار 264 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته صوبن کي به 430 ارب روپيه اضافي روينيو جمع ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هوڏانهن حڪومت کان جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو جي برابر 2900 ارب روپيه پرائمري سرپلس حاصل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔