پنجاب حڪومت نوجوانن کي آسان قسطن تي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ۽ ٽيڪسيون بنا وياج ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور:   پنجاب حڪومت نوجوانن کي ايندڙ مالي سال ۾ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ۽ ٽيڪسيون بنا وياج جي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ۽ 5 هزار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون بنا وياج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ۽ اي ٽيڪسين جي بنا وياج جي  فراهمي جي تجويز کي ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري وزير بلال اڪبر خان چيو آهي ته اي ٽيڪسي اسڪيم جي تحت مستحق ماڻهن کي آسان قسطن ۽ بنا وياج فنانسنگ جي سهوليت ڏني ويندي. رجسٽريشن سميت ٻيون مراعتون به ڏنيون وينديون.

صوبائي وزير ٽرانسپورٽ چيو ته انهي منصوبي سان هزارين نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا ۽ اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ به مدد ملندي. انهي اسڪيم جي لاءِ اهليت ڇا هوندي انهي جي باري ۾ تفصيل ايندڙ بجيٽ ۽ پاليسي دستاويزات ۾ ڏيڻ جو امڪان آهي.

تبصرے بند ہیں۔