لاهور ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو، پراڻو ٽائيم بحال

لاهور:  لاهور ۾ توانائي بچت مهم جي تحت مارڪيٽن جا ٽائيم ٻيهر تبديل ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب عيدالاضحِيٰ گذرڻ کان پوءِ حڪومتي حڪمن جي روشني ۾ انتظاميه توانائي بچت جي تحت پراڻن وقتن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.

پراڻن وقتن موجب مارڪيٽون، ريسٽورنٽس ۽ بازارون رات جو 8 وڳي بند ٿينديون اهڙو حڪم 30 جون تائين لاڳو هوندو. عيدالاضحيٰ سبب پهرين جون تائين ٽائيم ۾ نرمي ڪئي وئي هئي.

پهريان جيان پيٽرول پمپس، فارميسي، بيڪري کي ڇوٽ حاصل هوندي. ڊپٽي ڪمشنر لاهور جو چوڻ آهي ته مارڪيٽن ۽ دڪانن جي وقتن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيس ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا.

 

تبصرے بند ہیں۔