اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ هفتي جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، پهرين کان 4 جون تائين پنج بينچ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا. سپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ موجب، بينچ نمبر 1 ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد شفيع ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن، جڏهن ته بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل آهن.اهڙي طرح بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان، جڏهن ته بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس ملڪ شهزاد ۽ جسٽس عقييل عباسي شامل آهن. ٻئي طرف بينچ نمبر 5 ۾ جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن. ان کان علاوه، پهرين کان 4 جون تائين روزاني صبح جو 11 وڳي کانپوءِ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ به ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.
تبصرے بند ہیں۔