ڪراچي: انمول عرف پنڪي ڪيس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ هن نيٽ ورڪ جي پئسن کي مني لانڊرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب، جوابدار کي نيو چالي ويجهو گرفتار ڪيو ويو، جوابدار منشيات مان ڪمايل پئسا ٻاهرين ملڪ منتقل ڪندو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته انمول عرف پنڪي سان لاڳاپيل وڌيڪ ڪارڪنن کي ڳولڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن، ۽ جلد ئي شڪي ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔