عورتون حقن لاءِ آواز اٿارين پر وومين ڪارڊ استعمال نه ڪن: صنم سعيد

ڪراچي : ادڪاره صنم سعيد چيو آهي ته عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ آواز ضرور اٿارڻ گهرجي، پر هر معاملي ۾ ’وومين ڪارڊ‘ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان شوبز انڊسٽري جي نامياري ادڪاره صنم سعيد، جيڪا پنهنجي اداڪاري سان گڏوگڏ سنجيده ۽ مدلل گفتگو لاءِ پڻ سڃاتي وڃي ٿي، تنهن تازو ئي هڪ انٽرويو دوران پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحريڪ تي کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن کي تعليم، وراثت، برابر پگهار ۽ تحفظ جهڙا بنيادي حق ڏيارڻ جي جدوجهد انتهائي اهم هئي ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي عورتون اڄ به انهن بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ادڪاره جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان عورتن جي حقن سان لاڳاپيل اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران هاڻي بحث جو رخ ٻين معاملن ڏانهن موڙيو وڃي ٿو، جنهن سان حقيقي تبديلي جو عمل متاثر ٿئي ٿو. صنم سعيد ڪم واري جڳهه (ورڪ پليس) تي عورتن جي حقن ۽ برابري جي حوالي سان گفتگو ڪندي چيو ته اثرائتو رابطو ۽ هاڪاري اندازِ گفتگو ئي تبديلي جي ڪنجي آهي. سندس موجب، عورتن کي صرف ان بنياد تي مطالبا نه ڪرڻ گهرجن ته هو عورتون آهن، پر کين پنهنجي موقف کي هڪ بنيادي حق طور پيش ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ادڪاره جي ان بيان کي سوشل ميڊيا تي ڪافي ڌيان ملي رهيو آهي ۽ واپرائيندڙ (صارفين) سندس خيالن تي مختلف راين جو اظهار ڪري رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔