واٽس ايپ جو آئي فون واپرائيندڙن لاءِ نئين فيچر تي ڪم جاري

نيويارڪ: انسٽنٽ ميسجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ آئي فون واپرائيندڙن (صارفين) لاءِ هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان اهو معلوم ٿي سگهندو ته ڪير آن لائن آهي ۽ ڪير تازو ئي ائڪٽو (سرگرم) هو.واٽس ايپ بيٽا انفو (WABetaInfo) جي هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ هڪ اهڙي نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو واپرائيندڙن کي هڪ ئي جڳهه تي سندن آن لائن ڪانٽيڪٽس (رابطا) ڏيکاريندو. هن وقت واٽس ايپ تي ڪنهن شخص جو آن لائن اسٽيٽس ڏسڻ لاءِ هر چيٽ کي الڳ سان کولڻو پوندو آهي، جتي مٿان اهو ظاهر ٿيندو آهي ته سامهون وارو ’آن لائن‘ آهي يا آخري ڀيرو ڪڏهن ائڪٽو هو. پر هاڻي واٽس ايپ ان جهنجھٽ کي ختم ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ هڪ خاص ’ڪانٽيڪٽس هب‘ متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. جنهن تحت سڀ کان مٿي فيورٽ (پسنديده) ڪانٽيڪٽس ڏيکاري ڏيندا، ان کانپوءِ اهي ماڻهو نظر ايندا جيڪي ان وقت آن لائن هوندا، جڏهن ته هيٺ تازو ئي ائڪٽو رهندڙ ڪانٽيڪٽس جي فهرست هوندي. رپورٽ موجب، هي نئون سيڪشن واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ دستياب هوندو. البته، پرائيويسي جا موجوده اصول برقرار رهندا، يعني صرف اهي ئي واپرائيندڙ ٻين جو آن لائن اسٽيٽس ڏسي سگهندا جيڪي پنهنجو اسٽيٽس به ٻين کي ڏيکارڻ جي اجازت ڏين ٿا.

تبصرے بند ہیں۔