اسلام آباد: ايران آمريڪا جنگ سبب معاشي پريشانين جي ڪري 27 ملڪن مدد جي لاءِ عالمي بينڪ سان رابطو ڪري ورتو آهي.
برطانوي نيوز ايجنسي موجب اهي 27 ملڪ اهڙن 101 ملڪن جو حصو آهن جن کي عالمي بينڪ جي هنگامي مالياتي نظام جي ڪنهن نه ڪنهن شڪل تائين پهچ حاصل آهي. دستاويزن ۾ اهڙن ملڪن جو نالو نه ڏنو ويو، نه ئي درخواست جي ڪيل فنڊنگ جي صحيح رقم سامهون اچي سگهي آهي. ورلڊ بينڪ رپورٽ تي تبصري کان پاسو ڪيو آهي
عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا گذريل مهيني چيو هو ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ادارو مختلف ملڪن کي 20 کان 25 ارب ڊالر جي فنانسنگ تائين پهچ فراهم ڪندو.
تبصرے بند ہیں۔