ڪراچي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي.محمد عامر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ برطانوي شهريت حاصل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.34 سالن جي فاسٽ بالر 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي 20 ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.رپورٽ موجب، فاسٽ بالر جي زال اڳ ۾ ئي برطانوي شهريت رکي ٿي. محمد عامر، جيڪو 2009 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جو حصو هو، اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته هو انگلينڊ لاءِ نه کيڏندو ڇو ته هو اڳ ۾ ئي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
تبصرے بند ہیں۔