علائقائي حالتن باوجود پاڪستان ۽ چين هميشه گڏ بيٺا رهيا آهن: صدر آصف زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا باهمي اعتماد، اسٽريٽجڪ تعاون ۽ بي مثال دوستي جي هڪ روشن مثال آهن. بدلجندڙ علائقائي صورتحال جي باوجود، پاڪستان ۽ چين هميشه گڏ بيٺا رهيا آهن.صدر آصف علي زرداري، چيني قيادت ۽ عوام کي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي پاڪ چين مثالي دوستي تي فخر آهي، صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين قابل ذڪر ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ۽ چين جا عالمي قدم امن، پائيدار ترقي ۽ عالمي هم آهنگي جي فروغ جي عڪاسي ڪن ٿا.آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ‘هڪ چين’ اصول تي مضبوطي سان قائم آهي، پاڪستان پنهنجي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل سڀني معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو، ۽ پنهنجي خودمختياري، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ چين جي غير متزلزل حمايت جي تعريف ڪري ٿو.صدر اهو به چيو ته هو ٽيڪنالاجي، زراعت، گرين انرجي، سياحت ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ چين سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندي.

تبصرے بند ہیں۔