ڀارت ۾ جنسي قوت لاءِ مفيد ’وهيل جي ڏاڪ‘ رکندڙ 2 ڄڻا گرفتار

ڪراچي: ڀارتي رياست گجرات جي علائقي گوڌرا ۾ پوليس ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن وٽان “وهيل مڇي جي مبينا اُلٽي” يعني عنبر هٿ آيو آهي۔
پنچ محل پوليس موجب هٿ آيل وهيل جي اُلٽي يا ڏاڪ، جنهن کي عنبر به چيو وڃي ٿو، جو وزن 860 گرام آهي ۽ ان جي قيمت 86 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي۔
بي بي سي جي رپورٽر دڪشيش شاهه موجب، “احمد آباد-گوڌرا هاءِ وي ڀرسان ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي ڪار مان ٺوس شڪل ۾ وهيل جي اُلٽي هٿ آئي هئي۔”
پوليس جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ وهيل جي اُلٽي جي قيمت هڪ ڪلوگرام جي حساب سان سو ڪروڙ رپين تائين ٿي سگهي ٿي۔
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ماڻهن وٽان هٿ آيل مادي کي فارنزڪ جاچ لاءِ موڪليو ويو آهي۔
هي پهريون واقعو ناهي، جڏهن ڀارت ۾ عنبر رکڻ جي الزام ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هجي۔ ماضي ۾گجرات کان علاوه مهاراشٽرا ۽ تامل ناڊو مان به وڏي مقدار ۾ عنبر هٿ اچي چڪو آهي۔
چين ۾ عنبر جو استعمال جنسي طاقت وڌائڻ واريون دوائون تيار ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته عرب ملڪن ۾ ان مان اعليٰ درجي جا عطر ۽ خوشبوئون تيار ڪيون وينديون آهن۔
اسپرم وهيل ۽ عنبر
جڏهن اسپرم وهيل ڪٽل فش، آڪٽوپس يا اهڙا ٻيا سامونڊي جاندار کائي ٿي ته ان جو هاضمي وارو نظام هڪ خاص قسم جي رطوبت پيدا ڪندو آهي، جيئن شڪار جا تيز ڪنڊا ۽ ڏند ان جي جسم کي نقصان نه پهچائين۔
ان کان پوءِ اسپرم وهيل اهو ناپسنديده ڪيميائي مادو اُلٽي ذريعي پنهنجي جسم مان خارج ڪري ڇڏيندي آهي۔ ڪجهه محققن موجب اسپرم وهيل عنبر کي فضلي ذريعي به خارج ڪندي آهي۔ انهيءَ ڪري وهيل جي شڪار جا تيز حصا ان جي فضلي ۾ به ملندا آهن۔ وهيل جي جسم مان نڪرندڙ اهو مادو سمنڊ جي سطح تي ترندو رهندو آهي۔
سج جي روشني ۽ سمنڊ جي لوڻ سان ملي اهو مادو عنبر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي۔ خوشبودار شيون تيار ڪرڻ لاءِ عنبر تمام ڪارائتو سمجهيو ويندو آهي۔
عنبر ڪارو، اڇو يا سرمائي رنگ جو چرٻي جهڙو مادو هوندو آهي۔ اهو بيضوي يا گول شڪل اختيار ڪندو آهي، جيڪا ان کي سمنڊ ۾ ترڻ دوران ملي ٿي۔ اهو هڪ ٻرندڙ مادو آهي، جنهن لاءِ شراب يا ايٿر جي ضرورت هوندي آهي۔
اسپرم وهيل دنيا جو سڀ کان وڏو ڏندن وارو جاندار آهي۔ واضح رهي ته ننڍي “پگمي اسپرم وهيل” ۽ ان کان به ننڍي “بوني اسپرم وهيل” به موجود آهن۔
چيو وڃي ٿو ته اسپرم وهيل جي مٿي ۾ هڪ عضوو هوندو آهي، جنهن کي “اسپرميٽي” چيو وڃي ٿو ۽ اهو تيل جهڙي مادي سان ڀريل هوندو آهي۔
اهو به چيو ويندو آهي ته اهو وهيل جو اسپرم يا نطفو هوندو آهي، جنهن سبب هن وهيل کي “اسپرم وهيل” سڏيو وڃي ٿو۔ اهو حصو صوتي اشارن تي ڌيان مرڪوز رکندو آهي، جيڪو سمنڊ ۾ ترڻ دوران وهيل جي مدد ڪندو آهي۔
ماهرن موجب وهيل جي جسم مان نڪرندڙ عنبر شروعات ۾ بدبودار هوندو آهي، پر جيئن ئي اهو هوا سان وڌيڪ رابطي ۾ ايندو آهي، ته ان جي بدبو مٺڙي خوشبو ۾ تبديل ٿي ويندي آهي۔ عنبر خوشبوءَ کي هوا ۾ اڏامڻ کان روڪيندو آهي، يعني اهو هڪ قسم جي اسٽيبلائزر طور ڪم ڪندو آهي ته جيئن خوشبو جلد ختم نه ٿئي۔
عنبر تمام ناياب آهي، تنهن ڪري ان جي قيمت به تمام گهڻي هوندي آهي۔ ان کي “سامونڊي سون” يا “ترندڙ سون” به چيو ويندو آهي، ۽ ان جي قيمت سون کان به وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي۔
ڀارت جي ڄام نگر ميرين پارڪ جي چيف ڪنزرويشن آفيسر ڊي ٽي واسودا ماضي ۾ بي بي سي کي ٻڌايو هو ته “اسپرم وهيل وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ تحت محفوظ جانورن جي فهرست ۾ شامل آهي، تنهن ڪري ان جو شڪار يا واپار ڪرڻ جرم آهي۔ ان جي قانوني واپار لاءِ لائسنس ضروري آهي۔”
هن دعويٰ ڪئي هئي ته عرب ملڪن ۾ عنبر جي تمام گهڻي گهرج آهي ۽ اتي جا ماڻهو ان جي سڀ کان وڌيڪ قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن۔
وهيل مڇين جو شڪار انهن جي هڏن، تيل ۽ عنبر لاءِ وڏي پيماني تي ڪيو ويندو آهي۔ انهيءَ ڪري 1970ع کان پوءِ يورپ، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ان جي واپار تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔
گجرات جي سامونڊي پٽي ڇهه هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي آهي، جيڪا ڀارت جي سڀ کان ڊگهي سامونڊي پٽي آهي۔ انهيءَ ڪري سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ سامونڊي جيوت ۽ انهن جي باقيات جي غير قانوني واپار جون سرگرميون ڏسڻ ۾ اينديون آهن۔
گجرات کان علاوه، اوڀر واري ساحلي رياست اڙيسا ۽ ڏاکڻي رياست ڪيرالا جي سامونڊي ڪنارن تي به ڪڏهن ڪڏهن عنبر ملي ويندو آهي۔
ڀارت جي جنگلاتي تحفظ واري قانون تحت 1986ع کان اسپرم وهيل هڪ محفوظ جانور آهي، تنهن ڪري اسپرم وهيل ۽ ان جي عضون جو واپار غير قانوني آهي۔
جنسي طاقت وڌائڻ وارين دوائن ۾ استعمال
عنبر صدين کان نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا ۾ عطري مواد ۽ دوائن طور استعمال ٿيندو رهيو آهي۔ مارڪو پولو ۽ ابن بطوطه جن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو، پنهنجي سفرنامن ۾ به عنبر جو ذڪر ڪيو آهي۔ ڀارت ۾ ديسي علاج آيور ويد کان علاوه يوناني دوائن ۾ به ان جو استعمال ٿيندو آهي۔
لکهنؤ جي Integral University ۾ شعبي طب جي ايسوسيئيٽ پروفيسر بدرالدين ماضي ۾ بي بي سي کي ٻڌايو هو ته، “عنبر صدين کان يوناني طب ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي۔ ان کي مختلف جڙي ٻوٽين سان ملائي جسماني، ذهني، اعصابي ۽ جنسي بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي۔”
سندس چوڻ موجب، “عنبر کي کنڊ جي شربت ۽ ٻين جڙي ٻوٽين سان ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي۔ ان مان تيار ٿيندڙ دوا کي ‘معجون ممسڪ مقوي’ چيو ويندو آهي۔ جڏهن جنسي طاقت گهٽجي ويندي آهي ته ان جو پيسٽ ٺاهي دوا طور ڏنو ويندو آهي، جنهن سان جنسي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي آهي۔”
ڊي ٽي واسودا چيو ته، “عنبر جي جنسي صلاحيت وڌائڻ بابت ڪي به سائنسي يا مضبوط ثبوت موجود ناهن۔”

تبصرے بند ہیں۔