لاهور: پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون 3 مهينا موڪلڻ ڏيڻ جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جسٽس خالد اسحاق درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.
درخواست ۾ پنجاب حڪومت، اسڪولز، ايجوڪيشن کاتو ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت 3 مهينن جي گرمي جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. پاڪستان ۾ تعليمي سال گهٽ ٿي 120 جو رهجي ويو آهي، آمريڪا انگلينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ تعليمي سال 230 ڏينهن جو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 3 مهينا تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿيندي، استدعا ڪئي وئي ته عدالت 3 مهينن تائين تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي. درخواستگذار مطالبو ڪيو ته عدالت تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون 6 کان 8 هفتا ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
تبصرے بند ہیں۔