وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو

ڪوئٽه:  وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو آهي جتي هو بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ٻين سان اهم ملاقاتون ڪندو.

ڪوئٽه پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پرجوش استقبال ڪيو.

وزيراعظم ڪوئٽه ايپيڪس ڪميٽي اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو جتي وزيراعظم کي بلوچستان جي امن امان جي صورتحال تي به بريف ڪيو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔