ڪفايت شعاري مهم تحت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم

ڪراچي : سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري مهم تحت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ مارڪيٽن، دڪانن، شاپنگ سينٽرن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ تي وقت سان لاڳاپيل پابنديون هٽائي ڇڏيون ويون آهن.سنڌ حڪومت جي ڪفايت شعاري پاليسي تحت گذريل مهيني جاري ڪيل نوٽيفڪيشن هٽائي ڇڏيو آهي.نئين نوٽيفڪيشن موجب، سڀئي دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال معمول مطابق ڪم ڪندا.ان کان اڳ، پنجاب ۾ رات 8 وڳي تائين ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي 1 جون تائين ختم ڪئي وئي هئي.پنجاب حڪومت 1 جون تائين ڪاروباري ڪلاڪن ۾ نرمي ڪئي آهي، رات 8 وڳي تائين ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي هٽائي وئي آهي، اهو فيصلو صوبي جي مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ ريسٽورنٽ تي لاڳو ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔