بيجنگ : چيني پرڏيهي وزارت ايران-آمريڪا جنگ جي صورتحال تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هڪ جامع ۽ پائيدار جنگ بندي جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي، ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته تڪرار خطي جي ٻين ملڪن کي نقصان پهچايو آهي، ۽ تڪرار عالمي معيشت ۽ توانائي تي به اثر انداز ٿي رهيو آهي، ۽ مسئلي جو جلد حل آمريڪا، ايران ۽ ٻين ملڪن جي مفاد ۾ آهي.چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هي جنگ شروع نه ٿيڻ گهرجي ها، ۽ ان جو تسلسل ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. چين هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي صحيح رستو سمجهيو آهي. طاقت جو استعمال اثرائتو نه ٿي سگهي. ڳالهين جو کليل دروازو بند نه ٿيڻ گهرجي. ايراني ايٽمي مسئلي سميت سڀني تڪرارن کي صلاح مشوري ذريعي حل ڪيو وڃي.چيني پرڏيهي وزارت ايران-آمريڪا جنگ جي صورتحال تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هڪ جامع ۽ پائيدار جنگ بندي جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي، ۽ ڳالهين ۽ رابطي جو عمل پڻ فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته مسئلي جو جلد حل آمريڪا، ايران ۽ ٻين ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
تبصرے بند ہیں۔