لاهور: پاڪستان ۾ ريپ ميوزڪ جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته ملڪ جي پهرين باقاعده ريپ ريئلٽي شو ‘ريپ آئڪن پاڪستان’ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مشهور ريپر طلحه انجم ۽ بوهيميا جج طور ڪم ڪندي نظر ايندا.پڪسل انٽرٽينمينٽ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيل جھلڪ ۾ مهانگين ڪارن، منفرد فيشن ۽ ريپ جنگين جا دلچسپ منظر ڏيکاريا ويا آهن، جتي نوجوان فنڪار پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.پروگرام 24 مئي کان يوٽيوب تي نشر ڪيو ويندو، جڏهن ته شروعات ۾ ان کي عيد الفطر جي موقعي تي جاري ڪرڻ جو منصوبو هو، جيڪو بعد ۾ تبديل ڪيو ويو.شو جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر رضوان صديقي موجب، پهرين سيزن ۾ 12 ابھرندڙ ريپرز جي وچ ۾ مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪي 10 قسطن دوران مختلف چئلينجن ۽ موضوعن تي ٻڌل ريپنگ ذريعي هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا.
تبصرے بند ہیں۔