سارهه ٽيلر انگلينڊ جي مردن جي فيلڊنگ ڪوچ مقرر

ميلبورن: انگلينڊ جي اڳوڻي عورت رانديگر سارہ ٽيلر کي انگلينڊ جي مرد ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، سارا ٽيلر کي نيوزي لينڊ خلاف سيريز لاءِ فيلڊنگ ڪوچ جي ذميواري ڏني وئي آهي. سارہ ٽيلر کي ڪارل هاپڪنسن جي جاءِ تي ٿوري عرصي لاءِ ذميواري ڏني وئي آهي، ڪارل هاپڪنسن آءِ پي ايل ۾ مصروف آهي.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، سارہ ٽيلر اينڊريو فلنٽوف سان گڏ انگلينڊ لائنز اسڪواڊ سان پڻ ڪم ڪيو آهي. سارہ ٽيلر انگلينڊ جي سينئر مرد ٽيم سان ڪم ڪندڙ پهرين عورت ڪوچ هوندي.سارہ ٽيلر کي انگلينڊ جي عورت ٽيم جي بهترين وڪيٽ ڪيپر رانديگرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.

تبصرے بند ہیں۔