بيجنگ: آمريڪا ۽ چين جي صدرن جي ملاقات بعد بيان ۾ چيو ويو آهي ته هرموز کليل رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تائيوان معاملي تي چين اهم چتاءُ ڏنو آهي پر آمريڪا پاران جاري ڪيل بيان ۾ تائيوان جو ذڪر ئي ناهي.ٻنهي صدرن هڪٻئي جو حريف رهڻ بدران شراڪتدار بڻجڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. چيني صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران چيو ته سڀني عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي. اختلافن جي باوجود، ٻنهي ملڪن کي باهمي احترام ۽ پرامن گڏيل بقا جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. بيجنگ ۾، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي دوري دوران گريٽ هال آف دي پيپل جي ٻاهران هڪ استقباليه ۾ پهتو، جتي چيني صدر سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ هٿ ملائيندي مسڪرائيندي هڪٻئي سان حال احوال ڪيو. چيني صدر کيس ڪابينا سان متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ چيني ۽ آمريڪي صدر گريٽ هال آف دي پيپل عمارت اندر ويا. چيني صدر شي جن پنگ چيني ۽ آمريڪي صدرن جي وفدن سان ملاقات دوران چيو ته آمريڪي وفد جو چين ۾ استقبال آهي. سڀني عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي. چين ۽ آمريڪا ٻه عظيم طاقتون آهن، ۽ عالمي استحڪام اسان جو گڏيل مقصد آهي. چيني صدر شي جن پنگ چيو ته عالمي امن ۽ اقتصادي ترقي کي برقرار رکڻ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ذميواري آهي. سڄي دنيا جون نظرون هن وقت بيجنگ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي آهن. اختلافن جي باوجود، ٻنهي ملڪن کي باهمي احترام ۽ پرامن گڏيل بقا جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.چيني صدر ٽرمپ کي ٻڌايو ته دنيا هن وقت ايران تڪرار ۽ عالمي سپلائي چين ۾ سنگين چئلينجن مان گذري رهي آهي. چيني صدر شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا ۾ اهڙيون تبديليون تيزي سان ٿي رهيون آهن جيڪي هڪ صدي ۾ نه ڏٺيون ويون آهن. بين الاقوامي صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ انتشار جو شڪار آهي. ڇا اسان گڏجي عالمي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا ۽ دنيا کي استحڪام فراهم ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي دنيا ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ هڪ روشن مستقبل ٺاهي سگهون ٿا؟ اهي سوال آهن جن جا جواب اسان کي، وڏن ملڪن جي اڳواڻن جي حيثيت سان ڏيڻا آهن. چيني صدر چيو ته منهنجو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلافن کان وڌيڪ گڏيل مفاد آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستحڪم ٻه طرفا لاڳاپا سڄي دنيا لاءِ فائديمند آهن. چين ۽ آمريڪا ٻئي تعاون مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ تڪرار مان نقصان پهچي سگهن ٿا. اسان کي مقابلي ۾ نه پر ڀائيوار هجڻ گهرجي. شي جن پنگ چيو ته اسان کي هڪ ٻئي جي ڪاميابي ۽ خوشحالي ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن کي گڏجي هلڻ جو صحيح رستو ڳولڻ گهرجي. چيني صدر خبردار ڪندي چيو ته تائيوان جو مسئلو چين-آمريڪا لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم آهي. جيڪڏهن تائيوان جي مسئلي کي صحيح طريقي سان نه سنڀاليو ويو ته آمريڪا ۽ چين تڪرار ڏانهن وڌي سگهن ٿا ۽ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هن موقعي تي، آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو ته اڄ صدر شي جن پنگ سان ملڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، ۽ توهان جو دوست هجڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. آمريڪي صدر چيو ته هو هن دوري تي “دنيا جي بهترين ڪاروباري اڳواڻن” کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهيان جيئن ڪاروبار بهتر ٿي سگهي. ڪجهه ماڻهن هن ملاقات کي “هاڻي جو سڀ کان وڏو اجلاس” سڏيو آهي، ۽ هو هن ملاقات جو منتظر آهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته صدر شي جن پنگ سان لاڳاپا هميشه تمام شاندار رهيا آهن، تاريخي اجلاس جو سڀ کان وڏو ۽ مکيه مرڪز باهمي واپار تي هوندو، ۽ ٻئي ملڪ ايندڙ ڏهاڪن تائين بهترين ۽ مضبوط لاڳاپا برقرار رکندا. ٽرمپ چيو ته اسان جا لاڳاپا هميشه سٺا رهيا آهن، ۽ جڏهن به مسئلا هئا، اسان انهن کي گڏجي حل ڪيو، مان توهان کي فون ڪندس ۽ توهان مون کي فون ڪندا، ماڻهو نٿا ڄاڻن ته جڏهن به اسان کي ڪو مسئلو پيش آيو، اسان ان کي جلدي حل ڪيو، مان سڀني کي ٻڌايان ٿو ته چيني صدر هڪ عظيم اڳواڻ آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪالهه، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهتو. صحافين 3 ڀيرا صدر ٽرمپ کان تائيوان بابت سوال ڪيو پر هو خاموش رهيو. تائيوان جيتوڻيڪ 2 ڪروڙ 30 لک ماڻحن جي آبادي وارو چين کان ڌار سڃاڻپ رکندڙ علائقو آهي پر چين ان کي پنهنجو حصو قرار ڏيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا چين جي ’ون چائنا‘ پاليسي کي مڃي ٿو پر ڪميونسٽ پارٽي جي ان دعوا جي ڪڏهن حمايت ناهي ڪئي جنهن ۾ هو تائيوان کي پنهنجو حصو سمجهي ٿي. آمريڪا جا تائيوان سان خاص لاڳاپا آهن ۽ کين پنهنجي دفاع لاءِ هٿيار وڪرو به ڪندو رهيو آهي پر اهو واضح ناهي ته چين جي تائيوان تي حملي جي صورت ۾ آمريڪا جنگ ۾ شريڪ ٿيندو يا نه.
تبصرے بند ہیں۔