ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته گرمي سبب هوا ۾ وڌيڪ نمي سبب سنڌ جي ڪجهه هنڌن تي برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته دادو، لاڙڪاڻو، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.
ٻئي طرف موسميات کاتي ڪراچي جي موسم جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن جي دوران موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي تيز هوائون شروع ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته اڄ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔