اسلام آباد: آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران جي خلاف جنگ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ خطرن ۽ انهي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهم ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پاڪستاني سفيرن جي مني ڪانفرنس سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندي. وچ اوڀر ۾ مقرر سفيرن کي شرڪت جي لاءِ گهرايو ويو آهي. انهي کان علاوه خطي جي اهم ملڪن ۾ مقرر سفير به شريڪ ٿيندا.
ذريعن موجب آمريڪا، سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، قطر، عمان ۽ اردن ۾ مقرر پاڪستاني سفير شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس جون سفارشون حڪومت کي پيش ڪيو وينديون، ڪانفرنس جو مقصد خطي جي موجوده صورتحال ۾ ملڪي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪرڻ آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار جي حوالي سان آئنده جي لائحه عمل جو جائزو به ورتو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔