ٽرمپ جو آمريڪي ميڊيا تي وڏو حملو: ايران جنگ جي ڪوريج کي غداري قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ بابت ڪوريج تي آمريڪي ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي ڪجهه رپورٽن کي عملي غداري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اهڙيون جنهن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته تهران عسڪري حوالي سان واشنگٽن جي مقابلي ۾ بهتر پوزيشن ۾ آهي. اصل ۾ اها دشمن جي مدد ۽ سهولتڪاري جي برابر آهن.

ٽرمپ چيو ته اهڙي قسم جون رپورٽون ايران کي ڪوڙي اميد ڏئي رهيون آهن. حالانڪه ايران وٽ اهڙي ڪنهن به اميد جي گنجائش نه هجڻ گهرجي. آمريڪي صدر ميڊيا تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي آمريڪي بزدل آهن جيڪي پنهنجي ئي ملڪ جي خلاف بيٺل آهن. جڏهن ته هن وڌيڪ چيو ته صرف شڪست کاڌل، ناشڪرا ۽ احمق ماڻهو آمريڪا جي خلاف دليل ڏئي سگهن ٿا.

رپورٽن موجب ٽرمپ انتظاميه جي ٻين اعليٰ عهديدارن به هلندڙ ڏينهن ۾ جنگ جي تنقيدي ڪوريج تي آمريڪي ميڊيا ادارن کي نشانو بنائيندو رهيو آهي. انهي دوران آمريڪي خابرو اداري سي اين اين اڻڄاتل اختيارين جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته صدر ٽرمپ ذاتي طور تي آمريڪي انصاف واري کاتي تي زور ڏنو ته ايران جنگ جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي ڳجهي ذريعن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي.

سياسي مبصرين موجب ٽرمپ ۽ آمريڪي ميڊيا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ دفعو ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگي  ۽ سفارتي صورتحال عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔