اسلام آباد: ايراني جهازن جي پاڪستان ۾ موجودگي جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.
پرڏيهي وزارت نور خان ايئربيس تي ايراني جهازن جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراهه ڪندڙ ۽ عجب ۾ وجهندڙ قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي نوعيت جي افواهن تي ٻڌل رپورٽون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش برابر هونديون آهن.
بيان موجب جنگبندي کان پوءِ ۽ اسلام آباد ڳالهين جي شروعاتي دور جي دوران ايران ۽ آمريڪا جا ڪيترائي جهاز پاڪستان پهتا هئا ته جيئن ڳالهين جي عمل سان جڙيل سفارتي عملي، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ انتظامي اهلڪارن جي چرپر ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. انهي سلسلي ۾ ڪجهه جهاز ۽ مددگار عملو ايندڙ ڳالهين واري مرحلي جي اميد ۾ عارضي طور تي پاڪستان ۾ موجود رهيا.
پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڏٺو وڃي ته باضابطه ڳالهيون ٻيهر شروع نه ٿيون، پر اعليٰ سطح جا سفارتي رابطا جاري رهيا آهن. انهي حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دورن جي لاءِ موجوده انتظامي ۽ لاجسٽڪ سهولتون استعمال ڪيون ويون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موجود ايراني جهاز جنگبندي جي دوران آيا هئا ۽ انهن جو ڪنهن به فوجي هنگامي صورتحال يا ڪنهن قسم جي تحفظاتي انتظام سان ڪوبه تعلق نه آهي. اهڙي صورتحال جي ابتڙ سموريون دعوائون افواهن تي ٻڌل، گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن کان مڪمل طور تي ابتڙ آهن.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان هميشه غير جانبدار، تعميري ۽ ذميوار سهولتڪار جي طور تي ڪردار ادا ڪيو آهي ته جيئن ڳالهين ۽ ڇڪتان ۾ گهٽتائي جي ڪوششن کي هٿي ڏئي سگهجي. اهڙي ڪردار جي تحت پاڪستان ضرورت پوڻ تي معمول جي لاجسٽڪ ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي جڏهن ته سمورين لاڳاپيل ڌرين سان شفاف رابطه به برقرار رکيا.
پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ سمورين مخلصانه ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
تبصرے بند ہیں۔