ايران جنگ 2027 تائين جاري رهي ۽ تيل 125 ڊالر تي رهيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون: آءِ ايم ايف

نيويارڪ: آءِ ايم ايف ايران جنگ 2027 تائين هلڻ ۽ تيل جون قيمتون 125 ڊالر بيرل تائين پهچڻ جي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته عالمي مالياتي اداري جي  اڳ ۾ ڪيل اڳڪٿي  موجوده حالتن جي حوالي سان صحيح نه هئي.

هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف پهريان اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايران جي خلاف آمريڪا اسرائيل جنگ عالمي اقتصادي ترقي  ۽ مهانگائي ۾ معمولي اضافي جو سبب بڻجندي.

آءِ ايم ايف جي ايم ڊي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران جي جنگ 2027 تائين جاري رهي ۽ تيل جون قيمتون 125 ڊالر رهيون ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

 

تبصرے بند ہیں۔