آءِ ايم ايف حڪومت کان پيٽروليم شين تي سبسڊي نه ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي لاءِ اهم حدف طئي ڪرڻ بابت پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کان شروعاتي ورچوئل مشاورت شروع ٿي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن چيو آهي ته آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته پاڪستان جي حڪومت پيٽروليم شين تي سبسڊي جاري نه رکي، پر مالي بار کان بچڻ جي لاءِ توانائي جي قيمتن ۾ وقت تي ايڊجسٽمينٽ ڪري.

آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته مالي بار کان بچڻ جي لاءِ توانائي ۽ ايندهن جي قيمتن ۾ وقت تي ايڊجسٽمينٽ ضروري آهي، توانائي ۽ بجلي جي قيمتن بابت ريگوليٽر ادارن جي تجويزن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.

حڪومت کي توانائي، بجلي جي قيمتن بابت ريگوليٽر ادارن جي تجويزن تي عمل ڪرڻ، ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايتون گهٽ ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

ايندڙ بجيٽ جي لاءِ ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ۽ خرچ وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي به تجويز غور هيٺ آهي. ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ ساليانو گهٽ ۾  گهٽ هڪ سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. ذريعن چيو ته قرضن جي بار کي گهٽ ڪرڻ جي قدمن کي يقيني بنائڻ جي هدايت به ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔