حيدرآباد : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جي حيدرآباد چيپٽر جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه سان گڏ صوبائي وزير ڄام خان، شورو ميئر ڪاشف شورو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا، حيدرآباد چيپٽر جو قيام ۽ اداري جي بحالي سنڌ حڪومت ۽ ڪي ڊي ايس پي جي گڏيل تعاون سان عمل ۾ آئي آهي.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڊائون سنڊروم جي متاثر ٻارن جي تعليم بحالي ۽ فلاح جي لاء حيدرآباد مرڪز جو قيام هڪ سنگ ميل آهي، ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام پهريان ئي ڪراچي جي علائقن پي ايچ اي سي ايس ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ فعال آهي، حيدرآباد چيپٽر ۾ فزيو اسپيچ اوڪوپيشنل ۽ بيهيويئر ٿراپي جون سهولتون مفت فراهم ڪيون وينديون، شروعاتي مرحلي ۾ حيدرآباد جي مرڪز ۾ 100 کان وڌيڪ خصوصي ٻارن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي.
ھن وڌيڪ چيو ته انگن اکرن جي مطابق هر 700 مان هڪ ٻار ڊائون سنڊروم مان متاثر ٿيندو آهي، سنڌ صوبي ۾ ڊائون سنڊروم کان متاثر ٻارن جو گڏيل تعداد تقريبن 80 هزار کان هڪ لک جي درميان آھي، خصوصي مرڪز متاثر ٻارن جي بروقت سڃاڻپ بحالي ۽ سماجي شموليت ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندو، اداري جي بحالي معذور ماڻهن ۽ ڪي ڊي ايس پي جي تعاون سان جديد ڊجيٽل ايپ جي تياري تي ڪم جاري آهي، ڊجيٽل ايپ جي ذريعي پري پري جي علائقن جا والدين گهر ويٺي ٿراپي سيشنز ۽ طبي رهنمائي حاصل ڪري سگهندا ،جديد ايپ اينڊرائيڊ ۽ آئي فون ٻئي پليٽ فارمز تي دستياب هوندا، سنڌ حڪومت جون مستقبل ۾ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به اهڙا مرڪز قائم ڪرڻ جي لاء ڪوششون جاري آهن.
تبصرے بند ہیں۔