اسلام آباد: وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ به نمايان اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ورلڊ بينڪ جي تازي رپورٽ موجب 2026 جي دوران توانائي جون قيمتون 24 سيڪڙو تائين وڌي سگهن ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ مئي تائين به گهٽ ٿي وڃي تڏهن به قيمتن ۾ اضافو برقرار رهڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن ڇڪتان ۾ وڌيڪ شدت آئي ۽ سپلائي متاثر ٿي ته توانائي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي.
عالمي بينڪ موجب تيل، گيس جي ٺڪاڻن تي حملن ۽ آبنائي هرمز ۾ بحري جهازن ۾ رڪاوٽون چين جي سپلاءِ کي به متاثر ڪيو آهي جنهن جا اثر عالمي منڊي ۾ نمايان ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب 2026 ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت 86 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 2025 ۾ اها قيمت 69 ڊالر في بيرل رهي هئي.
ماهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن توانائي ٺڪاڻن کي وڌيڪ نقصان پهتو يا واپاري رستا مڪمل طور تي بحال نه ٿي سگهيا ته قيمتون انهي کان به وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آبنائي هرمز جي ذريعي تيل سان ڀريل جهازن جي آمد رفت بهتر ٿي سگهي ۽ آڪٽوبر تائين جنگ کان پهريان جي سطح تي پهچڻ جي اميد آهي پر انهي جو دارومدار خطي ۾ امن، استحڪام تي هوندو.
تبصرے بند ہیں۔