افغان طالبان جو انگوراڊه ۾ سول آبادي تي حملو، ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي

راولپنڊي:افغان طالبان رجيم ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگوراڊه ۾ شهري آبادي تي حملو ڪري ڇڏيو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب 29 اپريل تي افغان طالبان انگوراڊه سان لاڳاپيل سرحدي علائقي ۾ شهري آبادي تي گوله باري ڪئي. افغان طالبان طرفان فائر ڪيل مارٽر گولو شهري ڪريم خان ۽ رحمت الله جي گهر تي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ انهي جي خاندان جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اشفاق موجب اسپتال ۾ 3 ٻارن سميت 5 زخمي اسپتال آندا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وزيرستان لوئر گوله باري سبب ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته انگوراڊه ۾ فائرنگ ۽ گوله باري سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿيا. گوله باري جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا. انگوراڊه مان زخمين کي فوري طبي امداد کان پوءِ ڊيره اسماعيل خان ۽ پشاور پهچايو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔