اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ججن جي منتقلي جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي خط لکيو آهي.ذريعن موجب، جسٽس بابر ستار چيف جسٽس آف پاڪستان کان درخواست ڪئي آهي ته هو جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه جي حيثيت سان ٽرانسفر جي معاملي تي ذاتي طور تي ٻڌڻي ڪن.جسٽس بابر ستار خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته آئين جي آرٽيڪل 200 تحت ٽرانسفر جي معاملي کان اڳ ڪميشن جي اجلاس ۾ کيس ٻڌو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ججن جي ٽرانسفر جي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو، ٽرانسفر لاءِ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز جا نالا غور هيٺ آندا ويندا.ٽرانسفر لاءِ جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جا نالا به غور هيٺ آندا ويندا.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ججن جي ٽرانسفر بابت اجلاس سڏائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جڏهن ته اجلاس چيف جسٽس اسلام آباد سرفراز ڊوگر پاران 5 ميمبرن جي درخواست تي طلب ڪيو ويو هو.
تبصرے بند ہیں۔