ڪراچي: راولپنڊي پهرين ميچ ۾ فتح حاصل ڪندي اسلام آباد کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بظاهر 138 رنز جي آسان ٽارگيٽ لاءِ عبدالله فضل پهرين ئي بال تي عماد وسيم جو شڪار بڻيو ڪرس گرين کيس ڪيچ ڪيو. جنهن بعد ڪامران غلام 42 رنز ٺاهي ڪرس گرين جي بال تي سمير منهاس هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان رضوان به 45 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي رچرڊ گليسن هٿان ڪيچ ٿيو، سيم بلنگز 2 رنز ٺاهي شاداب هٿان رن آئوٽ ٿيو. ڊيرل مچل 32 ناٽ آئوٽ ۽ ڊيان فوريسٽيي 13 تي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هن وننگ اسٽروڪ يعني چوڪو هڻ راولپنڊي کي پهرين فتح ڏياري. پي ايس ايل جو 34 هون ميچ ڪراچي ۾ پنڊيز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ کيڏيو ويو. راولپنڊي ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ پوري ٽيم 137 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڊيون ڪانوي 40 رنز، سمير منهاس 6، محمد فائق 5، شاداب هڪ، مارڪ چيپمين 23، حيدر علي 6، فهيم اشرف 11، ڪرس گرين 29، عماد وسيم 8، محمد حسنين ۽ رچرڊ گليسن زيرو تي آئوٽ ٿيا. محمد عامر، محمد وسيم ۽ ڊيان فوريسٽر ٻه ٻه وڪيتون ورتيون، آصف آفريدي، نسيم شاهه ۽ ڊيرل مچل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. فهيم اشرف ٽي توئنٽي ۾ هڪ هزار رنز مڪمل ڪيا ۽ آئوٽ ٿيڻ وقت محمد عامر سان گار گند به ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔